SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪلنٽن جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪلنٽن جو نظريو

Clinton Doctrine

ڪلنٽن ڊاڪٽرين

بل ڪلنٽن 1993ع کان 2001ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. هن جنهن وقت آمريڪي صدارت جو عهدو سنڀاليو ته ان وقت دنيا مان تازو ئي ”ٿڌي ويڙهه“ ختم ٿي هئي ۽ آمريڪا کي اهڙن سياسي اصولن جي ضرورت هئي، جيڪي ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ کي مضبوط ڪن. ان کان علاوه 1994ع ۾ آمريڪا جي قومي سلامتيءَ واري اداري پنهنجي دستاويز A Stategy for Engagement and Enlargement جي ذريعي ايندڙ دور جي پرڏيهي پاليسيءَ جي جوڙجڪ بابت ڪافي حد تائين نشاندهي ڪئي هئي. آمريڪا جي قومي سلامتيءَ بابت هي دستاويز بنيادي طور ٽن اهم اصولن تي ٻڌل آهي. (1)فوجي حڪمت عمليءَ جي معاملي ۾ Global Military يعني گڏيل قومن جي فورس يا اتحادي فورس ۽ نيٽو، کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ِضرورت پوڻ تي ڪٿي به آپريشن ڪرڻ وقت ڪنهن هڪ ملڪ جي فوج کي استعمال ڪرڻ جي بجاءِ گهڻ- ملڪي فوج کي اختيار ڏنا وڃن. (2) معاشي خوشحاليءَ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪجن ۽ (3) جنگ کان متاثر علائقن ۾ ڪاروباري سرگرمين کي ملڪي سرحدي پابندين بنا تيز ڪيو وڃي. هن پاليسيءَ ذريعي آمريڪا دنيا ۾ سياست کي هڪ نئون رُخ ڏنو. جيئن ته ان مهل سوويت يونين ٽُٽي چڪو هو، تنهنڪري آمريڪا سڄي دنيا جو اڪيلو سپر پاور ٿيڻ لاءِ فوج جي مدد سان ٻين علائقن تي قبضا ڪرڻ بجاءِ، معاشي طرح حاوي ٿيڻ جي پاليسي ٺاهي، جنهن ۾ اهو ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو. اڳ ۾ جتي آمريڪا فوج جي استعمال لاءِ معاهدا ڪندو هو (جنهن کي عام طرح Military Pactomania يعني فوجي ٺاهن ڪرڻ جو سوداءُ سڏيو وڃي ٿو) اُتي هاڻي ڪاروباري معاهدا ڪرڻ لڳو. هن پاليسيءَ جو وچ ۽ اوڀر يورپ، ڏکڻ آفريڪا ۽ ايشيا- پيسفڪ جي ملڪن تي تمام گهڻو اثر پيو. اهڙي صورتحال ۾ صدر بل ڪلنٽن، پنهنجي ٻئي حڪومتي مدي ۾ ملڪي خارجه پاليسيءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ اصول متعارف ڪرايا. انهن اصولن کي ”ڪلنٽن نظريو“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. فيبروري 1999ع ۾ ڏنل هي نظريو بهرحال آمريڪا جي روايتي قومي سلامتيءَ جي پاليسيءَ کان گهڻو مختلف نه هيو. ان نظريي جا مُک اصول دراصل انهيءَ پاليسي کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۽ پرڏيهي پاليسيءَ کي وڌيڪ کولي سمجهائڻ لاءِ ڏنا ويا. هن نظريي ۾ معاشي حوالي سان سيڙپ، امپورٽ (درآمد)، ايڪسپورٽ (برآمد)، ماهرن جي ڏي وٺ، آمريڪي ڪمپنين کي ڪنهن ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سياسي حوالي سان جمهوري عمل کي تيزڪرڻ جي ڪوششن جهڙا اصول ڏنل آهن. بل ڪلنٽن جي ڏنل اصولن کي ڏسندي ماهرن اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته هي نظريو ”The Market Does the Rest“ (يعني ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ سان دنيا جي مٿان حڪومت ڪري سگهجي ٿي) جو ست آهي. ماهرن، صدر ڪلنٽن جي ڏنل هنن اصولن کي, جرمنيءَ جي مُفڪر اِمانوئيل ڪانٽ (1724-1804ع)جي آفاقي نظريي جو مثال ڏئي به سمجهائيندا آهن. ڪانٽ جي بيان ڪيل نظريي مطابق: ” جمهوري عمل ذريعي هلندڙ ٻه ملڪ جن ۾ گهڻ- قومي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري سرگرميون به هلندڙ هجن، ڪڏهن به هڪ ٻئي سان جنگ نه وڙهندا.“ انهيءَ تصور منجهان صدر بل ڪلنٽن جي نظريي جو وچور ائين ڪڍي سگهجي ٿو، ته دنيا ۾ جيڪڏهن امن قائم ڪرڻو آهي ته جمهوريت کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ معاشي سرگرمين کي تيز ڪيو وڃي. صدر ڪلنٽن مطابق انهن اصولن تحت، آمريڪا طرفان دنيا جي هر ملڪ لاءِ اهم ۽ جُدا پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي


Remember Me Also:

ڪرڪٽ

ذ. ڀڳ ڀور ، ڀڳ ٽوٽ ، ڀڪ ڀور ، ڀُڪو ، ذرو ذرو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal